سوز هالائي

سوز هالائي

سوز هالائي

سوز هالائي: نامور شاعر ۽ اديب سوز هالائيءَ جو اصل نالو، الهڏنو ولد محمد ڀنڀرو آهي. سوز هالائي 5 ڊسمبر 1937ع هالا پراڻا ضلعي حيدرآباد (هاڻوڪي مٽياريءَ) ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم مدرسي محمديه اسلاميه هالا پراڻن مان ورتي ۽ 1950ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان گورنمينٽ پرائمري اسڪول هالا پراڻا مان ڏنائين. هن اديب سنڌي (1963ع) ۽ اديب عالم (1965ع) جا امتحان اورينٽل ڪاليج هالا مان ڏنا، مئٽرڪ 1965ع ۾ ڪئي، ايم. اي (سنڌي) 1947ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۽ ايل. ايل. بي 1975ع ۾ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين.
سوز هالائي شروع ۾ روينيو تپيدار مقرر ٿيو ۽ پوءِ روينيو ڪلارڪ، ان بعد جيلر ۽ آخر ۾ اسسٽنٽ مختيارڪار جي عهدي تان رٽائر ڪيائين.
سوز هالائيءَ 1963ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي. هن شاعري جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. ريڊيو پاڪستان لاءِ سندس لاتعداد ڪلام رڪارڊ ٿيل آهن، جيڪي مختلف اسٽيشنن تان نشر ٿيندا رهن ٿا. سندس ٻه شعري مجموعا: (1) ’رنگ رتا پيچرا‘ (1979ع) ۽ (2) ’درشن ڌارو ڌار‘ 1992ع ۾ ڇپيا آهن. سندس آتم ڪٿا ’ڪويءَ جي ڪٿا‘ عنوان سان پڻ شايع ٿي چڪي آهي. سوز هالائي ريڊيو لاءِ ڪيتريون ڪهاڻيون به لکيون آهن. سوز هالائي ’سنڌي ادبي سنگت‘ هالا ۽ سگا هالا جو جنرل سيڪريٽري پڻ ٿي رهيو آهي. پاڻ بزم طالب الموليٰ جو ميمبر به آهي ۽ ڪيترن ئي نوجوان شاعرن جي رهنمائي ڪري رهيو آهي. سوز هالائيءَ کي مڃتا طور مختلف ادبي ادارن کان ڪيترائي انعام ۽ اعزاز مليل آهن.
نوٽ : سوز هالائي 21 فيبروري 2018ع تي وفات ڪئي


لفظ سوز هالائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو